روشنيءَ جي تلاش

روشنيءَ جي تلاش

روشنيءَ جي تلاش

روشنيءَ جي تلاش (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر ايم. ڪمل جي چونڊ شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن جي چونڊ هن پاڻ ڪئي آهي، جڏهن ته ان کي مولچند نهالاڻي، سنڌو ڌارا، ساڌو واسواڻي نگر، ٿاڻي (ايسٽ) مهاراشٽر مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ نامور ڪهاڻيڪار لعل پشپ لکيو آهي، جڏهن ته پيش لفظ مولچند نهالاڻيءَ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ايم. ڪمل جون ڪويتائون ۽ ڊائريءَ جا ورق شامل آهن ۽ گڏوگڏ سندس ڪجهه تازو ڪلام به شامل آهي. ڊيمي سائيز جي 118 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي. ڪتاب 2004ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو